عرب شھزادن  سنڌ جي ٻن نوجوانن کي شڪار ڪري ڇڏيو

تحرير:

ٿر ۾ عرب  شڪارين جي قافلي جي ھڪ گاڏيءَ ٻن نوجوانن جو شڪار ڪري ڇڏيو.ٽڪر ۾ ھڪ ڄڻو ان وقت ئي مري ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، جنھن کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور آندو ويو. اڻ تصديق ٿيل اطلاعن موجب اھو  بھ فوت ٿي ويو آھي. واقعو سومر واري ڏينھن خيرپور ضلعي جي ناري تعلقي ۾ قادن جي پيلس واري علائقي ۾ پيش آيو.عرب شڪارين جو تعلق  ابوظهبي سان ڄاڻايو ويو آھي.واقعي موجب موٽر سائيڪل سوار سرور پٽ امير بخش ۽ بهرام پٽ ماٺيڻو مڱريو، قادن جي پيلس واري علائقي کان سورھ  ڏانھن وڃي رھيا ھئا  ته پويان  کان عرب شھزادي جي تيز رفتار قافلي جي جي ھڪ ويگو گاڏي ٽڪر ھڻي ڪڍيو. اطلاع تي سوين علائقي واسي واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي ۽ زخمي کي سول اسپتال خيرپور پھچايو.

واقعي جو ڪيس سوراھ ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو  آھي پر آخري پوليس ڪا بھ ڪارروائي نھ ڪئي آھي.ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي واقعي جي نندا ڪئي پئي وڃي ۽ علائقي جا نوجوان اھڙي بي رحمي تي احتجاج ڪري رھيا آھن.چيو ٿو وڃي تھ رياستي مشينري احتجاج ڪندڙن کي خاموش ڪرائڻ ۾ رڌل آھي ۽ علائقي جا بااثر بھ وارثن تي پريشر وجھي رھيا آھن. ھن وقت جئين تھ ميڊيا وڌيڪ متحرڪ آھي  خاص ڪري سوشل ميديا جي معرفت اھڙا واقعا نھ رڳو لڪي نٿا سگھن پر اھي فور طور تي پکڙجي وڃن ٿا.

ھر سال سياري جي مند ۾ جڏھن ڪجھه ھ ناياب نسل جي پکي سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي علائقن ۾ اچن ٿا تھ عرب شڪاري انھن جي شڪار ڪرڻ جي لاءِ ھتي جو رخ ڪن ٿا. انھن جو اوطاقون آباد ٿين ٿيون، انھن سان لاڳاپيل وڏيرا ۽ بااثر انھن غيرملڪي خاص ڪري عرب شڪارين جي ھر طرح جي خدمت ڪن ٿا. ڪن حالتن ۾ انھن جي کاڌي پيتي کان ويندي انھن جي عياشي جو ھر سامان مھيا ڪن ٿا.اھو سڀ ڪجھه  ھڪ عرصي کان ٿيندو رھيو آھي، ڪجھه ھ وقت اڳ جڏھن ان سلسلي جو ھڪ ڪيس عدالت آيو ھو تھ پرڏيھي کاتي جي عملدارن ان کي عرب ملڪن سان سفارتي پاليسي جي نالي ۾ روڪڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو ھو.

ڪجھه  وقت اڳ ملير جي پھاڙي علائقي ۾ شڪار ڪرڻ آيل عرب شھزادن کي روڪڻ تي ناظم جوکئي نالي نوجوان کي برادري جي سردار اوطاق کي طلب ڪري تشدد ڪري ماري وڌو ھو،جنھن خلاف سڄي سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ جنم ورتو ھو.ان جو ڪيس بھ عدالت ۾ ھليو الزام ھيٺ آيل بااثر گرفتار بھ ٿيا پر ان بعد معاملي کي مينج ڪيو ويو ھو.اھڙا ڪيئي واقعا سنڌ جا ماڻھون  ٻڌائين ٿا، جنھن ۾ انھن عرب شيخن جي تفريح  لاءِ لڳايل ڪئمپن ۾ عورتن جي لڄالٽ ٿيڻ توڙي انھن جي بي موت مرڻ جا واقعا بھ ٿيندا رھيا آھن.

بدقسمتي سان ملڪ جا بھترين قانون جوڙيل آھن پر انھن تي عمل نھ ٿيڻ ڪري اھو سڀ  ڪجھه  جاري ساري آھي ان کي روڪڻ جو ھڪ ئي طريقو آھي تھ سنڌ جو نوجوان اھڙي ظلم خلاف اٿي کڙو ٿئي، ٻيو ڪو بھ رستو نظر نٿو اچي. ڇاڪاڻ جو عرب ملڪن سان اسان جي حڪمران ان ڪري نٿا ڦٽائڻ چاھين جو اتان کين حقي ناحقي مال ملي ٿو.

وقت جي حڪومت کي ھن ظلم خلاف عملي طور تي اڳيان اچڻ گھرجي ۽ قانون جي لتاڙ ڪندڙ وحشي شڪارين خلاف ملڪ جي جوڙيل قانون کي متحريڪ ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ جو عوام جي جان مال ۽ عزت جو تحفظ ڪرڻ بھرحال حڪومت جو ئي ذمو آھي.

  • تعليمي بورڊن ۾ ٿيل ڪرپشن کي بھ وائکو ڪريو

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ  مقبول باقر تعليمي بورڊن جي چيئرمين شپ جي اضافي چارجز لاڳاپيل ڊويزنن جي ڪمشنرن حوالي ڪرڻ جي ھدايت ڏئي ڇڏي آھي.کين چيو ويو آھي تھ  فوري طور چارج سنڀالي رپورٽ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ کي موڪلي وڃي. وڏي وزير جي هدايت تي جاري ڪيل نوٽيفيڪشن موجب شهيد بينظير آباد جي ڪمشنر کي بورڊ آف انٽرميڊيئٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن شهيد بينظير آباد جي چيئرمين جي اضافي چارج ڏني وئي آهي، جڏھن تھ سکر تعليمي بورڊ چيئرمين جي چارج ڪمشنر سکر فياض عباسي کي ڏني وئي آهي، ڪراچي تعليمي بورڊ چيئرمين جي چارج ڪراچي جي ڪمشنر سليم راجپوت کي ڏني وئي آهي، اها پوسٽ 23 نومبر 2023 کان خالي هئي، جڏهن ته سڪرنڊ يونيورسٽي جي وائس چانسلر کان شهيد بينظير آباد تعليمي بورڊ چيئرمين جي چارج واپس  وٺي ڪمشنر حوالي ڪئي وئي آهي.

سنڌ ۾ تعليم  سار سنڀال جي لاءِ قائم انھن سمورن بورڊن بابت ھڪ عرصي کان شاگردن جا مائٽ دانھون ڪري رھيا ھئا، پر انھن جو انتظام ڪمنشرن حوالي ڪرڻ بھ ڪنھن ريت ڪو بھتر عمل تھ نھ آھي.ڪجھه  وقت کان سنڌ ۾ تعليم جي جاچ بابت قائم ادارن جي ساک پت باقي نھ رھي آھي،ٻيو تھ جيڪڏھن انھن ادارن پاران پاس ڪيل شاگردن کي وري ڪنھن بھ اداري ڪاليج يا پروفيشنل ڪاليج ۾ داخلا جي لاءِ جيڪڏھن واڌو انٽري ٽيسٽ مان گذرڻو پوي ٿو.جنھن جو مطلب تھ اھو ٿيندو  تھ داخلا ڏيندڙ ادارن کي بورڊ پاران شاگردن کي پاس ڪرڻ واري عمل تي اعتماد نھ آھي.اھڙي ريت جيڪڏھن ھڪ ادارو ٻئي تي اعتبار ئي نٿو ڪري تھ پوءِ انھن ادارن جي ساک باقي ڪھڙي رھجي ٿي وڃي.

حڪومت جي سربراھ کي اھي اختيار ضرور آھن تھ اھو اھڙو ڪو فيصلو ڪري سگھي ٿو پر پھرين انھن بورڊن جي سربراھن تي آيل الزامن جي حقيقي معنيٰ ۾ جاچ پڻ ڪرائي وڃي. خاص ڪري ڪراچي ميٽرڪ بورڊجو سال 2022 ۽ سال 2023 جو نتيجو مڪمل طور تي تڪراري ٿي ويو ھو.جنھن بابت انڪوائري بھ شروع ٿي پر ان جو ڪو اھڙو نتيجو سامھون نھ آيو آھي جنھن تي عام ماڻھون کي ڪو اعتبار اچي.

جنھن نموني سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ جاري آھي ان سان ڪجھه  وقت بعد انھن ئي ادارن مان اھل شاگردن جي لاءِ ڪا جاءِ نھ ھوندي جڏھن تھ سفارشي ۽ رشوت ڏيندڙن جي وڏي فوج اھڙن ئي ادارن کي سنڀالڻ جي پوزيشن ۾ ھوندي جنھن سان سموري سماج کي ناقابل تلافي نقصان ئي رسندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.