ھر شعبي ۾ ميرٽ جي لتاڙ سان سنڌي سماج اڳتي نه وڌندو:نياز ڪالاڻي

خيرپور/هڱورجا  (ڊ-ر/فرمان سهتو) عوامي آواز ميڊيا گروپ خيرپور ۽ نوشھروفيروز سٿ پاران ھڱورجا ۾ ”ميرٽ جي بحالي سنڌ جي خوشحالي“ نعري ھيٺ عوامي آواز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي،ڪانفرنس ۾ سياسي،  سماجي، ادبي تنظيمن  جي اڳواڻن سميت شاعرن، صحافين توڙي وڪيلن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي خطاب ڪندي جسقم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ ”ميرٽ جي بحالي سنڌ جي خوشحالي“ جو تاريخي موضوع چونڊيو آهي. ھن چيو ته مذھبن جي بنياد تي قومون نه ٺھنديون آهن عام طور تي اسان جو نمائندو ميرٽ تي نٿو چونڊجي ۽ سنڌي سماج تيستائين اڳتي نه وڌندو جيستائين زندگي جي ھر شعبي ۾ ميرٽ نه ٿيندي. هي ڪٿان جو انصاف آهي ته پيءُ  جيڪڏهن فوت ٿي وڃي ته ھر صورت ۾ پڳ ان جي وڏي پٽ کي پارائي وڃي ننڍو پٽ ڀلي قابل،انصاف پسند ۽ اڪابر ڇو نه ھجي اھا ميرٽ جي وڏي لتاڙ آهي نه چاھيندي به اسان پراڻي روايت ٽوڙي ناھيون سگهيا آهيون.اسان سمجهون ٿا ته جيئن جيئن سنڌ سائنسي ترقي ڪندي ائين اھي پراڻا قدر برباد ٿي ويندا پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد محرم علي شاهه  چيو ته اسان وٽ 70 کان اڳ ۾ ميرٽ موجود ھئي پر اڄ اسان جون درسگاهون درٻار،مسجد مذھبي ۽ ٿاڻا ڪوس گهر بڻجي ويا آهن.ھن چيو ته سماج ٽٽندا به آهن ته جڙندا به آهن سنڌ جي ماڻهو پنهنجا سماجي قدر ختم ڪري ڇڏيا آهن سندس نظر ۾ وڏو ماڻهو اسڪالر بجاءِ  وڏي گاڏي تي ھٿياربندن وارو بڻجي ويو آهي.ھن چيو ته رياست جي زماني ۾ تعليم ۾ ميرٽ ھوندي ھئي ۽ ھاڻي پڻ اسان کي پنهنجي سماجي زندگي ۾ ميرٽ رکڻي پوندي. سينيئر صحافي اقبال ملاح چيو ته عوامي آواز دنيا جي سمورن علمن ۽ تبديلين تي نظر رکي ٿي اڄ به ترقي پسند اسان ڏانهن نھارين ٿا.ھن چيو ته سماج بيمار ٿيندو آهي نظريا،فڪر ۽ مفڪر رھنمائي ڪندا آهن پر اسان جا مفڪر ۽ سياستدان اسان جي معاشري جي علاج ۾ ناڪام ٿي ويا آهن.ھن چيو ته عوامي آواز ھي نعرو ان ڪري ڏنو آهي ته سنڌ جا ماڻهو ڳالھائين ۽ سوال رکن.عوامي آواز جي ڊپٽي ايگزيڪٽو ايڊيٽر حسن ناصر خٽڪ چيو ته سنڌ جا نوجوان عوامي آواز جي نعري ”ميرٽ جي بحالي سنڌ جي خوشحالي“سان گڏ پنهنجي روشن مستقبل لاءِ پراميد آهن ۽ ھاڻي سنڌ جي روشن مستقبل جو اھڃاڻ غريب ھاري ۽ مزدور جو پٽ ھوندو. سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر مير منور ٽالپر چيو ته عوامي آواز ھر دور ۾ سنڌ جي مظلوم طبقي سان گڏ بيٺل رھي آهي،ميرٽ جي بحالي سان ئي سمورا معاملا درست ٿي ويندا. سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ضلعي خيرپور جي صدر فياض خميساڻي چيو ته جتي ڪوڙ موجود ھوندو آهي اتي سچ ڌنڌلو نظر ايندو آهي.اڄوڪي حالتن ۾ سنڌ ڀوڳنائن جو شڪار آهي ميرٽ جي درستگي لاءِ  لازمي طور تي اسان کي سچ جو ساٿ ڏيڻو پوندو.تعليم کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر شبير احمد ميمڻ چيو ته اسان کي ضرور سوچڻو پوندو ته ميرٽ کي بحال ڪئين ڪرائجي؟ اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ميرٽ جي لتاڙ ڪير پيو ڪري ۽ اسان ڪيترا ڀاڱي ڀائيوار آهيون. ڪانفرنس کي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻ ڄام محبت علي سھتو،انجنيئر ضمير ميمڻ، صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ، ايڊوڪيٽ نور تنيو،جسقم اڳواڻن فقير امداد منگي،ڪرم سامٽيو،مجيب آزاد ڀيلار، ناليواري شاعر لالڻ چنو،نديم عباس آرائين،ڪشور ڪمار،ايم ظفر ٽڳر،آزاد مھر،حاجي شھداد خان ڀاڳت،حاجي اعجاز احمد ملاح،ھنڱورجا يوٿ فورم جي صدر جميل علي ڀٽو،سينيئر صحافي خادم ڪلھوڙو،فرمان سھتو،محمد مٺل تنيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.