فوجي عدالتن ۾ سولين ٽرائل بابت فيصلي خلاف گهرو وزرات جي به درخواست

اسلام آباد (م ڊ) گهرو وزارت به فوجي عدالتن ۾ سول ٽرائل خلاف سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي. گهرو وزارت طرفان داخل ڪيل اپيل ۾  انٽرا ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي، اپيل ۾ مختلف قانوني سوال اٿاريا ويا آهن ته ڇا آرٽيڪل 199 تحت ڪيس پهريان هاءِ ڪورٽ وڃڻ گهرجي ها؟. اپيل ۾ سوال ڪيو ويو آهي ته لفظ سولين تمام وسيع اصطلاح آهي، ڇا عدالت ان کي نظرانداز نه ڪيو؟ سولين جي اصطلاح ۾ پرڏيهي ۽ دهشتگرد به شامل آهن. گهرو وزارت طرفان اپيل ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پاڻ ڪيترائي ڀيرا چئي چڪي آهي ته ٻيا فورم موجود هجن ته آرٽيڪل 184/3 کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.