ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ نوجوان بالاچ بلوچ قتل ڪيس ۾ ملوث چئن اهلڪارن کي معطل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. نوجوان بالاچ کي هڪ هنڌان کنڀي ٻئي هنڌ مقابلو ڄاڻائي ماريو هو.
ڀڃ ڊاهه ڪيس، عمران خان ۽ شاهه محمود جون ضمانتون منظور
اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين جي 3 ۽ شاهه محمود قريشي جي 2 ڪيسن ۾ ضمانت واريون درخواستون منظور ڪري ورتيون. اي ٽي سي جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر راجا نويد، پي ٽي آءِ جا وڪيل سردار مصروف ۽ خالد يوسف عدالت ۾ پيش ٿيا. اي ٽي سي جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي جي 30، 30 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.
ڪسٽم وارا پئسا وٺي پاڻ گاڏيون اسمگل ڪرائين ٿا ۽ پوءِ پڪڙائين ٿا: جسٽس فائز
اسلام آباد(م ڊ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اسمگلنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪسٽم وارا پئسا وٺي پاڻ گاڏيون اسمگل ڪرائين ٿا ۽ پوءِ پاڻ ئي پڪڙائين ٿا، پشاور بارڊر کان 4 سئو ڪلوميٽر اندر آيل هڪ گاڏي پڪڙي وئي، ڪسٽم ڊپارٽمينٽ خلاف ڪارروائي ڇو نه شروع ڪئي وڃي؟ سپريم ڪورٽ ۾ ڪي پي ڪسٽم اختيارين پاران اسمگلنگ ٽرڪ پڪڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ٽرڪ 1996 ۾ ٺهي ۽ 2016 ۾ پڪڙي وئي، 22 سالن تائين اها ٽرڪ ڪٿي هلندي رهي؟ اسمگلنگ ڪٿان کان ٿئي ٿي، ٽرڪ ماچيس جي دٻي نه آهي، اها ڪهڙي رستي کان آئي ڪسٽم وارن کي خبر ئي نه آهي .