ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) ڪورنگي مهراڻ ٽائون سيڪٽر 6 ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حد عمر بن خطاب مسجد ڀرسان گهر مان عورت جو لاش هٿ آيو آهي، عورت جو لاش قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، عورت جي سڃاڻپ 18 ورهين جي روما زال سليم جي نالي سان ٿي آهي. پوليس موجب فوري طور تي موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جاچ ڪيون پيا. جناح اسپتال ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي عورت جي پيءُ چيو ته مون کي پنهنجي ڌيءَ سان تمام گهڻو پيار هو، ڌيءَ جي شادي 7 مهينا اڳ پري جي مائٽن ۾ ٿي هئي، اولاد لاءِ کيس سس تعويز پياريندي هئي جنهن سبب هوءَ ذهني دٻاءُ ۾ مبتلا هئي. ڇنڇر جي رات ڌيءَ سان ڳالهايو ته هوءَ ٺيڪ هئي. فوتي عورت جي مڙس سليم ٻڌايو ته هو ڇنڇر جي رات 12 وڳي ڪم تان واپس گهر آيو، پنهنجي زال سان گڏ رات جي ماني کاڌي، صبح ساڍا پنج ٿيا، زال پاڻي لاءِ اٿاريو ۽ پاڻي گهريو، پر زال پاڻي نه پيتو، صبح ساڍي 10 وڳي مان اٿيس ۽ ان کانپوءِ زال کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ نه اُٿي، شادي کي 6 مهينا ٿيا آهن ۽ زال کي ڪا به بيماري نه هئي، مان پنهنجي گهرواري تي تشدد نه ڪندو هيس.