25 ڪروڙ ماڻهو بنيادي حقن کان محروم آهن:سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ تي ٻن خاندانن 7 ڀيرا حڪومت ڪئي،  جماعت اسلامي جي حڪومت  ڪنهن خاندان سان نه هوندي، اصل ۾ اها عوام جي نمائندي هوندي،  ٻن خاندانن جي حڪومتن جي ڪري 25 ڪروڙ ماڻهو بنيادي حقن کان محروم آهن، ٻار تعليم کان محروم آهن، نوجوان روزگار کان محروم آهن، قومي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي،  ن ليگ، پ پ، پي ٽي آءِ ۽ جنرلن جي آئين سان بيوفائي، انهن حڪمرانن جي غلط پاليسين جي ڪري پاڪستان آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ جو غلام آهي بهاولپور ۾ عورتن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته   اڄ ملڪ قرضن ۾ ڦاٿل آهي، مان پڇان ٿو اهو قرض ڪنهن ورتو ۽ ڪنهن کسيو؟  اڄ جيڪڏهن هن پاڪستان ۾ هر پنجون پاڪستاني گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي ته ذميوار ڪير آهي،هن چيو ته هن وقت غزا سڙي رهيو آهي، 25 لک فلسطيني مائرون، ڀينرون، ڌيئرون، بزرگ، نوجوان، ٻارڙا اسرائيل، آمريڪا، فرانس، برطانيا، جرمني جي ٺاهيل بمن جي باهه ۾ سڙي رهيا آهن، هن چيو ته عدالتون ۽ احتساب ادارا ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب نٿا ڪري سگهن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.