ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان فشر فوڪ فورم ۽ ٻين تنظيمن جي طرفان ڇنڇر ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران موسمياتي انصاف مارچ ڪيو ويو، جنھن ۾ ۾ وڏي انگ ۾ مهاڻن ، ماحولياتي ڪارڪنن، ٽريڊ يونين ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، مارچ سنڌ اسيمبلي چوڪ کان شروع ٿي ڪراچي پريس ڪلب تي پهتو،مارچ جي شرڪت ڪندڙن ڪوپ 28 موسمياتي تبديلي جي ڳالهين جي نتيجي کي اڻ پورو قرار ڏنو، ماحوليات مخالف حڪومتن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي پاليسين کي بي نقاب ڪيو، پي پي ايف جي جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ تقرير ڪندي چيو ته فوسل فيول جي استعمال کي ختم ڪرڻ واري مرحلي تي تيزيءَ سان عملدرآمد جو دارومدار ترقي يافته ملڪن جي اڳواڻن تي آهي جيڪي ماحولياتي بحران جا ذميوار آهن، هن امير ملڪن تي زور ڏنو ته اهي ماحولياتي تباهي کي روڪڻ لاءِ پنهنجون مالي ذميواريون پوريون ڪن ،پي ايف ايف جي سينيئر وائيس چيئرپرسن فاطمه مجيد انهن تحريڪن ۾ ماهيگيرن جي شرڪت کي اجاگر ڪندي چيو ته فوسل فيول دور جي خاتمي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ماحولياتي گدلاڻ، آلوده هوا ۽ پاڻي ۽ منافعي لاءِ برادرين جو استحصال ڪيو پيو وڃي، هن زور ڏنو ته تيل، گئس ۽ ڪوئلي جي استحصال کي پاڪستان يا ايشيا ۾ ڪٿي به نه وڌايو وڃي،نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري ناصر منصور عالمي گرمي پد جي واڌ کي 1،5 ڊگري کان گهٽ تائين محدود ڪرڻ جي پيرس معاهدي جي مقصد کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪامي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، هن زور ڀريو ته فوسل ٻارڻ کان قابل تجديد توانائي ڏانهن منتقلي جي تڪڙي ضرورت آهي، انهي سان گڏ لکين ڪارڪنن لاءِ روزگار جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي،قاضي خضر چيو ته جيڪڏهن اسان گرمي کي 1،5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڪنهن به هنڌ کان وڌيڪ فوسل فيول ڪڍڻ جي عمل کي روڪيو وڃي