نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڊيل ٽٽي چڪي ؟ ن ليگ ۾ ٿرٿلو!

لاهور (عوامي آواز نيوز) نواز شريف جا ٻن ڏينهن کان تيور تبديل نظر اچي رهيا آهن، ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڊيل ٽٽي چڪي آهي، يا ٽٽڻ  طرف وڃي رهي آهي. نامياري تجزئي نگار سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته جڏهن  نواز شريف وطن اچڻ وارو هو ته هن ميڊيا سان ڳالهائيندي 5 نالا ورتا ته انهن جو  احتساب  ضروري آهي. ان بعد شهباز شريف ڊوڙندو لنڊن پهتو هو جنهن کانپوءِ نواز شريف وطن پهچڻ تائين خاموش هو. نظر اهو پئي آيو ته نواز شريف سوديبازي ڪري آيو آهي ۽ لاڏلو آهي جا مٿس الزام لڳڻ شروع ٿي ويا هئا، اطلاع  اهي هئا ته نواز شريف چونڊ نتيجن تائين احتساب جي ڳالهه نه ڪندو ۽ وزيراعظم به مخصوص وقت لاءِ ٿيندو. ان ڪري شهباز شريف دل ئي دل ۾ پاڻ کي وزيراعظم سمجهي رهيو هو پر گذريل ٻن ڏينهن کان نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر آهستي آهستي  پنهنجي پراڻي موقف  طرف موٽندو نظر اچي رهيو آهي، مطلب ته ڊيل ٽٽي چڪي آهي يا  ٽٽڻ واري آهي. ان کان اڳ  شهيد بينظير  ڀٽو به آمر مشرف سان اين آر او ڪري  وطن آئي هئي ۽ وري واپس دبئي وئي جتان واپس لاهور ايئرپورٽ پهتي ته ڊيل ٽٽڻ  جو اعلان ڪيائين ۽ چيائين ته جنرل مشرف ايمرجنسي لڳائي ڊيل ٽوڙي ڇڏي آهي. ان کان اڳ شهيد بينظير ڀٽو کي گهربل سيڪيورٽي نه ڏئي آمر مشرف اصولي طور ڊيل ٽوڙي چڪو هو. هاڻي  نواز شريف به ٻه ڏينهن کان عمران پراجيڪٽ جي ڪردار جي احتساب جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. جنهن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته نواز شريف ڊيل ٽوڙي چڪو آهي، ان ڪري ن ليگ  اندر به ڦڙڦوٽ آهي، ڇو ته اها ڳالهه  ن ليگ اڳواڻ به سمجهي رهيا آهن ته نواز شريف هڪ ڀيرو  ٻيهر پنهنجي  پراڻي موقف طرف موٽي رهيو آهي، ان ڪري اڳواڻن ۾ ٿرٿلو متل آهي، ظاهر آهي ته اسٽيبلسمينٽ جا به نواز شريف ڪن کڙا ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.