گاجي کهاوڙ لڳ ڀاڳين جي سجاڳ ٿيڻ تي چورن جي فائرنگ، ناري قتل

نصيرآباد )رپورٽ : بشيراحمد بروهي ) گاجي کهاوڙ لڳ ڳوٺ لشڪر لاشاري ۾ چور سردار لاشاري جي گهر ۾ داخل ٿيا، ڀاڳين جي سجاڳ ٿيڻ تي چورن فارنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 17 ورهين جي ناري خالده ڌي سردار لاشاري سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارهه منتقل ڪيو پئي ويو ته زخمن جا سور نه سهندي ناري رستي ۾ ئي دم ڏنو. گاجي کهاوڙ پوليس موجب ناري جي وارثن چيو آھي ته گذريل رات گهر ۾ چور داخل ٿيا جنهن تي سجاڳ ٿياسين ته چورن فائرنگ ڪري ڏني جنهن ڪري 17 ورهين جي ناري خالده لاشاري قتل ٿي آھي، پوليس وڌيڪ چيو ته اسان ناري جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.