حيدرآباد (رپورٽر) سکر جي رهواسين مخدوم بلاول ۽ زاهد حسين مڱريو سکر مان اغوا ٿيل پريا ڪماري ۽ علي اصغر مڱريو جي بازيابيءَ لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون علامتي بک هڙتال ڪئي. هنن چيو ته پريا ڪماري کي سنگهار جي بااثر پيرن اغوا ڪيو آھي، جن کي پوليس جي مڪمل حمايت حاصل آهي. ان موقعي تي سکر جي علائقي ايوب گيٽ جي رهواسي پوليس اهلڪار زاهد حسين مڱريو الزام هڻندي چيو ته سندس پٽ علي اصغر کي شڪارپور جا بااثر ۽ ٻيا 7 جون 2015 ۾ اغوا ڪري ويا هئا، جن 20 لکن جي گهر پڻ ڪئي هئي. هن الزام هڻندي چيو ته اغوا واريون وارداتون پوليس پاڻ ڪرائي رهي آھي، جڏھن ته پريا ڪماري پيرن جي حويلي ۾ قيد آھي. هنن چيو ته گذريل ٻن مهينن کان سراپا احتجاج آھيون، پر اڃا انصاف ناهي مليو. هنن چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري، علي اصغر مڱريو سميت سمورن اغوا ٿيل ماڻھن جي بازيابيءَ کي يقيني بڻائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻيءَ صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هنيو ويندو.