لاڙڪاڻو(بيورورپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ يونين آف جرنلسٽ ڊويزن ۽ لاڙڪاڻو پريس ڪلب طرفان سينيئر صحافي جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، جتي قلم ڌڻين هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي پڻ ڪئي، جڏهن ته ريلي ۾ يونين آف جرنلسٽ جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ، لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ ڪلهوڙو، جنرل سيڪريٽري نويد لاڙڪ، خزانچي قادر جاگيراڻي، يونين آف جرنلسٽ ڊويزن لاڙڪاڻي جي صدر طارق محمود دراني، ايس اقبال بابو، ايم يونس ڏيٿو، محمد عاشق پٺاڻ، ڊاڪٽر بدر شيخ، نادر ابڙو، منصور ابڙو سميت سنڌ جي مختلف شهرن کان آيل قلم ڌڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي يونين آف جرنلسٽ جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد جان محمد مهر جو قتل ڪنهن سانحي کان گهٽ ناهي، مرتضيٰ ڪلهوڙو چيو ته صحافي پنهنجي قلم ذريعي حق سچ جو آواز بڻجي پنهنجي پنهنجي علائقن جو درد ڀري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائن ٿا. طارق دراني چيو ته صحافي کي ٽارگيٽ ڪري مارڻ ڪٿان جو قانون آهي، شهيد جان محمد مهر کي شهيد ڪندڙ قاتلن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪبو. نويد لاڙڪ چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي ڪيفرڪردار تائين پهچائينداسين.