ماڻهو عمران خان کي ئي ووٽ ڏيندا: جاويد هاشمي

ملتان(م ڊ) سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي انٽرا پارٽي اليڪشن به اهڙي ئي آهي جهڙي پي ٽي آءِ ۾ ٿي جتي ماڻهو بنا مقابلي چونڊيا ويا.نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي جاويد  هاشمي چيو ته اڄ ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ جمهوريت ناهي ۽ مسلم ليگ (ن) به ان ئي لسٽ ۾ شامل آهي.گذريل ڏينهن نواز شريف سان ملاقات جي حوالي سان جاويد هاشمي چيو ته جڏهن نواز شريف سان ملاقات ٿي ته مون کانئس پڇيو ته مون کي ڇو ڪڍيو، پر نواز شريف وٽ ڪو به جواب نه هو.جڏهن پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي مستقبل بابت سوال ڪيو ويو ته جاويد هاشمي چيو ته عمران خان مقبول ووٽ حاصل ڪري چڪو آهي. قوم عمران خان کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي، هو نتيجن تي پريشان نه آهن.هن  چيو ته پي ٽي آءِ ۾ تمام گهڻيون خاميون آهن پر اهي ڳالهيون ماڻهن لاءِ اهميت نه ٿيون رکن ڇو ته ماڻهن کي خبر آهي ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ خلاف بيٺو آهي ۽ باقي پارٽيون ويهي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.