رضوانه تشدد ڪيس، عدالت پاران جج عاصم خلاف ڪيس جي جاچ جو حڪم

اسلام آباد ( م ڊ )  رضوانه تشدد ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي  ٿي آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار سول جج راولپنڊي کي سول جج عاصم حفيظ جي ٻارڙي تي تشدد واري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار جي حڪم تي سيشن جج راولپنڊي رضوانه تشدد ڪيس ۾ سول جج تي لڳايل الزامن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال جولاءِ ۾ اسلام آباد جي سول جج عاصم حفيظ جي گهر ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان ڇوڪري رضوانه تي تشدد جو ڪيس سامهون آيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.