ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي جوهر چورنگي وٽ ڦر مزاحمت تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته سندس ڀاءُ زخمي ٿي پيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار ۾ سوار نوجوان ڦرلٽ کان بچڻ لاءِ گاڏي تيز ڊوڙائي، جوابدارن مٿن پويان فائرنگ ڪئي، 2 گوليون ڪار ۾ سوار نوجوان کي لڳيون. پوليس جو چوڻ آهي ته جوهر چورنگي وٽ گاڏي پٿر سان ٽڪرائجڻ سبب اونڌي ٿي وئي، گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سبب زخمي نوجوان مرتضيٰ فوت ٿي ويو جڏهن ته ڊرائيور پڻ زخمي ٿي پيو. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته زخمي جي بيان تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، بيان ۾ ڄاڻايل رستن جي سي سي ٽي وي وڊيوز ورتيون پيون وڃن.