ٽنڊي الهيار مان تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا هٿ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ڊويلپمينٽ ڪمپني (او جي ڊي سي ايل) موجب سنڌ جي ضلعي ٽنڊي الهيار مان تيل ۽ گئس دريافت ٿي آهي.
او جي ڊي سي ايل طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ جي درس ويسٽ کوهه نمبر 2 جي 2081 ميٽر کوٽائي ڪئي، جتان 360 بيرل روز جي حساب سان ڪچو تيل به دريافت ٿيو آهي.
ڪمپني موجب ان دريافت سان روز 85 لک 10 هزار مڪعب فٽ گئس حاصل ٿيندي، نئين دريافت سان ملڪي امپورٽ بل ۾ چڱي ڀلي گهٽتائي ٿيندي، او جي ڊي سي ايل ۽ ملڪي تيل ۽ گئس جي ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.