آءِ ايس آءِ کي بشريٰ بي بي ۽ لطيف کوسا جي آڊيو ليڪ ڪندڙن جو پتو لڳائڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي ۽ لطيف کوسا جي مبينا آڊيو ليڪس خلاف درخواست جي ٻڌڻي جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار 5 صفحن تي ٻڌل لکت حڪم نامو جاري ڪيو، جنهن ۾ عدالت آڊيو کي سوشل ميڊيا تي ليڪ ڪندڙ جي سڃاڻپ لاءِ آءِ ايس آءِ کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته سموري ٽيڪنالاجي استعمال ڪري پتو لڳايو وڃي ته آڊيو سڀ کان اڳ ڪنهن ليڪ ڪئي.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي جي لا، پيمرا ۽ ڊي جي پي ٽي اي کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته ڊي جي پيمرا ميڊيا جي ڪوٽ آف ڪنڊڪٽ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿئي.
عدالت حڪم ڏنو ته درخواست ۽ عدالتي حڪم نامو ڊي جي آءِ ايس آءِ، پي ٽي اي، ايف آءِ اي ۽ پيمرا کي موڪليو وڃي.
حڪم نامي موجب آڊيو ليڪس ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 ڊسمبر تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.