شوڪت ترين جو سياست ۽ پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ سينيٽر شوڪت ترين به سياست ۽ پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
شوڪت ترين نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي پارٽي ۽ سينيٽ جي سيٽ ڇڏڻ جي تصديق ڪئي.
واضح رهي ته شوڪت ترين 2021 ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي خيبر پختونخواهه مان سينيٽر چونڊيو هو، هو 17 آڪٽوبر 2021 کان 11 اپريل 2022 تائين عمران خان جي ڪابينا ۾ ناڻي وارو وزير رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.