رڳو حڪومت نه وٺنداسين، جعلي ڪيسن جو به احتساب چاهيون ٿا: نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته اسان رڳو حڪومت نه وٺنداسين پر اسان سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلم تي کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿيڻ گهرجي.
ن ليگ جي پارلياماني بورڊ جي اجلاس سان خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته ڪيترائي زخم اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن ناهن ڀرجندا پر اسان ڪڏهن صبر جو دامن نه ڇڏيو، اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍون، ملڪ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي نيت سان ميدان ۾ آيا آهيون.
هن چيو ته ويجهر ۾ ئي هڪ ڪرڪيٽر کي آندو ويو، ان کي خبر ئي نه هئي ته ڇا ڪرڻو آهي، مديني جي رياست ڇا هوندي آهي ۽ ڇا سيکاريندي آهي کيس خبر ئي نه هئي، سياست کي چمڪائڻ لاءِ هن مديني جي رياست جو نالو استعمال ڪيو.
سندس موجب 190 ملين پائونڊ ڪيس تاريخ جو سڀ کان وڏو ڪيس آهي، ان اسڪينڊل جو سڀ کان وڏو ثبوت بند لفافي جي ڪابينا مان منظوري آهي، ايڏو وڏو ڌاڙو هنيو ويو، توهان 60 ارب رپيا کائي ويندئو ته مهانگائي ڪيئن گهٽجندي؟
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان کي جيلن ۾ وڌو ويو، سزائون ڏنيون ويون، توهان ظلم ڪيو، ازالي لاءِ ڪيترا سال لڳي ويا، ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيو، جن ڪوڙا ڪيس ٺاهيا انهن کان ڪير پڇندو؟
نواز شريف موجب جسٽس شوڪت صديقي کي جنرل فيض حميد چيو ته نواز شريف جيل مان نڪري آيو ته ٻن سالن جي محنت ضايع ٿي ويندي، ثاقب نثار جي آڊيو ٽيپ ۾ چيو ويو ته ان کي اندر رکڻو آهي، عمران خان کي آڻڻو آهي، اسان جو مطالبو رڳو حڪومت ٺاهڻ ناهي پر کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي چاهيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.