ڀارتي اداڪار هٿان نوجوان گوليون هڻي قتل،ڪيترائي زخمي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي وي انڊسٽري سان واسطو رکندڙ ڀارتي اداڪار ڀوپندر سنگهه وڻ ڪاٽڻ تان پاڙيسري تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ۽ 3 زخمي پيا.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو اتر پرديش جي رياست ۾ پيش آيو جتي اداڪار جو پاڙيسري سان وڻ ڪاٽڻ نه ڏيڻ تي جهيڙو ٿيو، اداڪار پنهنجي فارم کي ڄاريون لڳائي پاڙيسري جي زرعي زمين کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن لاءِ اداڪار ڪجهه وڻ ڪاٽيا جنهن تي ٻنهي وچ ۾ ڏند چڪ ٿيا جيڪي ايترو وڌي ويا جو ڀوپندر سنگهه ۽ سندس ساٿين گڏجي پاڙيسري ۽ ان جي گھرڀاتين تي حملو ڪيو.

یہ واقعہ ریاست اتر پردیش میں پیش آیا جہاں اداکار کا پڑوسیوں سے درخت کاٹنے نہ دینے پر جھگڑا ہوا/ فائل فوٹو
رپورٽ موجب ڪاوڙ ۾ اداڪار پاڙيسرين تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ پاڙيسري جو 22 ورهين جو پٽ مارجي ويو ۽ فائرنگ سبب اداڪار جو پاڙيسري، سندس زال ۽ پٽ زخمي ٿي پيا.
ميڊيا رپورٽس موجب واقعي جو اطلاع ملندي پوليس ٿڏي تي پهچي اداڪار کي سميت ٽن ساٿين کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
واضح رهي ته اداڪار ڀوپندر سنگهه ”يه پيار نه هوگا ڪم“ جهڙين هٽ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.