نئون رڪارڊ، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 66 هزار پوائنٽن جي سطح به پار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مسلسل تيزي سبب 100 انڊيڪس 66 هزار پوائنٽن جي نئين بلند ترين سطح به پار ڪري ويو.
ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن 100 انڊيڪس 1552 پوائنٽون واڌ سان 66270 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تي اچي ويو، مارڪيٽ ۾ پهرئين سيشن کانپوءِ ٻئي سيشن ۾ به تيزي ڏٺي وئي.
ان حوالي سان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ملڪي معيشت ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج جو اهم ڪردار آهي ۽ معاشي بهتري سان اسٽاڪ مارڪيٽ سيپٽمبر کان 40 سيڪڙو وڌي آهي، جڏهن ته ڊالر جو اگهه سيپٽمبر ۾ 307 رپيا هو، جيڪو اڄ 284 جي لڳ ڀڳ آهي.
هن چيو ته هلندڙ سال ملڪي معيشت چئلينجن کي منهن ڏنو، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ باءِ معاهدي سبب سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو، معيشت جي بهتري سبب اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.