ميٽا لکت کي تصوير ۾ تبديل ڪندڙ ويب سائيٽ متعارف ڪرائي ڇڏي

6 ڊسمبر تي گوگل پنهنجو سڀ کان طاقتور آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ماڊل جيمنائي متعارف ڪرايو هو ۽ هاڻي ميٽا هڪ اهڙي ويب سائيٽ تيار ڪئي آهي جتي واهپيدار پنهنجي پسند جي تصوير تيار ڪري سگھن ٿا.
اميجن نالي اها ويب سائيٽ ميٽار جي تيار ڪيل اي آءِ مادل ايمو تي ٻڌل آهي.
ان ڪمپني پاران ان ٽيڪنالوجي تي ڪيترن ئي مهينن کان ڪم ڪيو پئي ويو ۽ ان کي مختلف سوشل ميڊيا ايپس جو حصو بڻائڻ جو به اعلان ڪيو ويو هو.
پر هاڻي اي آءِ ٽيڪنالوجي کي پنهنجون پسند جون تصويرون ٺاهڻ لاءِ فون تي ڪيتريون ئي ايپس انسٽال ڪرڻ بدران سڌي ريت اميجن ويب سائيٽ تي وڃي ائين ڪري سگھبو.
بس رڳو ان ويب سائيٽ تي وڃي هڪ ميٽا اڪائونٽ بڻائڻو پوندو جنهن کان پوءِ اوهان لکت ۾ هدايتن ذريعي پنهنجي پسند جي تصوير تيار ڪري سگھندا.
في الحال سائيٽ جو استعمال آمريڪا ۾ رهندڙن لاءِ ممڪن آهي پر جلد ان کي سڄي دنيا جا ماڻهو استعمال ڪري سگھندا.
اها تصوير ڏسڻ ۾ بلڪل حقيقي محسوس ٿئي ٿي ۽ ان ۾ واٽر مارڪ به هڪ ڪنڊ ۾ موجود هوندي جنهن ۾ واضح ڪيو ويندو ته انهن کي اي آءِ جي مدد سان تيار ڪيو ويو آهي.
ان تصوير کي جي پي جي فائل جي طور تي محفوظ رکڻ به ممڪن هوندو.
واضح رهي ته ايمو ماڊل کي هڪ ارب 10 ڪروڙ تصويرن سان تربيت ڏني وئي آهي ۽ ڪمپني موجب ان مقصد لاءِ فيسبڪ ۽ انسٽاگرام جي پبلڪ پوسٽن جي ڊيٽا کي استعمال ڪيو ويو.
ميٽا موجب ان ٽيڪنالوجي کي خاندان دوست رکن جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ اها پرتشدد يا اڻوڻندڙ هدايتن تي ڪم ناهي ڪندي.
ڪمپني ٻڌايو ته اسان هن وقت سائيٽ استعمال ڪندڙن جي راءِ ٻڌڻ پسند ڪنداسين.
هنن جو چوڻ هو ته ٽيڪسٽ فوٽو فيڍر واهپيدارن کي تخليقي مواد تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.