آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز کان اڳ شاهينن کي وڏو ڌڪ

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز کان اڳ پاڪستان ٽيم لاءِ پريشان ڪندڙ سامهون اچي وئي، اسپنر ابرار احمد پير ۾ تڪليف جو شڪار ٿي ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۽ آسٽريليا جي پرائم منسٽر اليون وچ ۾ ڪينبرا ۾ جاري چئن ڏينهن جي ميچ دوران پير ۾ تڪليف سبب ابرار احمد رڳو 8 اوور ڪرايا ۽ ميدان کان ٻاهر هليو ويو.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته ابرار احمد جو ايم آر آءِ اسڪين ڪرايو پيو وڃي، ميڊيڪل پئنل رپورٽن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ وڌيڪ تفصيل ٻڌايا ويندا.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 14 ڊسمبر کان ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.