نواز ليگ پاران نيون تڪ بنديون چئلينج ڪرڻ جو اعلان

لاهور(م ڊ) ن ليگ نين تڪ بندين خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ن ليگ نين تڪبندين مان مطمئن ناهي، مان پنهنجي تڪ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ويس پر منهنجي ڳالهه نه ٻڌي وئي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته عام چونڊن ۾ بهترين اميدوار ميدان ۾ لاهڻ جي ڪوشش ڪنداسين،هن چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ جو طعنو عجيب آهي، اڃا تڪبندين جا مسئلا هلي رهيا آهن، ن ليگ نين تڪبندين مان ڪنهن به صورت ۾ مطمئن نه آهي،پي ٽي آءِ کي چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.