افغانستان ۾ 23 دهشتگرد تنظيمون موجود، پاڪستان پهريون نشانو

اسلام آباد (م ڊ)  سڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته افغانستان مان 23 دهشتگرد تنظيمون پاڪستان سميت 53 ملڪن ۾  دهشتگردي پکيڙي رهيون آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب افغانستان مان دهشتگردي جو نشانو بنجندڙن ۾ پاڪستان پهرين نمبر تي آهي. 23 مان 17 دهشتگرد تنظيمون صرف پاڪستان کي نشانو بنائينديون آهن جڏهن ته اهي تنظيمون آمريڪا ۽ چين سميت 53 ملڪن ۾ به دهشتگردي ڪنديون آهن. سڪيورٽي ذريعن ٻڌايو آهي ته افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙيندڙ تنظيمن ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي، جماعت الاحرار ۽ بلوچ هٿياربند تنظيمون پهرين نمبر تي آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب افغانستان مان ئي جندالله ايران ۾، داعش يورپ ۽ آمريڪا ۾ جڏهن ته حزب التحرير ۽ جماعت الاحرار پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙينديون آهن. سڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته تحريڪ اسلامي ترڪمانستان چين، آءِ ايم يو ازبڪستان کي نشانو بنائينديون آهن. داعش يورپ، آمريڪا ۽ حزب التحرير دهشتگردي پکيڙينديون آهن جڏهن ته افغانستان مان جندالله ايران ۾ ۽ افغانستان مان جماعت الاحرار پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙينديون آهن.   ذريعن موجب آپريشن ضرب عضب ۽ ردالفساد سان ٽي ٽي پي تقريبن ختم ٿي وئي هئي پر افغان طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ تي ٽي ٽي پي ٻيهر متحرڪ ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.