نيويارڪ(م ڊ+اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ ۽ جنگ بندي جي اعلان لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان عالمي اداري جي چارٽر جي آرٽيڪل 99 سان رابطو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ چيو ته 2017ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهريون موقعو آهي جڏهن گڏيل قومن جو سربراهه چارٽر 99 تي عمل جي اپيل ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهي، سيڪريٽري جنرل جي ترجمان وضاحت ڪئي ته گڏيل قومن جي سربراهه غزه ۽ اسرائيل ۾ ايتري ٿوري وقت ۾ انساني جانين جي نقصان تي انتهائي حد کي ڏسندي اهو قدم کڻي رهيو آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري چيو ته 11 لک کان وڌيڪ شهري گڏيل قومن جي پناهگير ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي پناهگاهن ۾ پناهه جا گهرجائو آهن.جڏهن ته اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 350 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، شهيدن جو انگ 17 هزار 177 کان وڌي ويو آهي، هوڏانهن اسرائيلي فوج پاران گرفتار فلسطينين سان بدترين سلوڪ جي وڊيو وائرل ٿي وئي،سخت ٿڌ ۾ کين اگهاڙو ڪري روڊن تي ليٽيايو ويو.