ذوالفقار علي ڀٽو قتل ڪيس تي صدارتي ريفرنس 11 سالن کانپوءِ ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) سپريم ڪورٽ پ پ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي جي فيصلي خلاف صدارتي ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بئنچ صدارتي ريفرنس تي 12 ڊسمبر تي ٻڌڻي ڪندي.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ لارجر بئنچ جي سربراهي ڪندو.لارجر بئنچ ۾ جسٽس  سردار طارق مسعود، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس امال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن علي رضوي ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل هوندا. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اپريل 2011ع ۾ سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس داخل ڪيو هو. هي ريفرنس سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس نسيم حسن شاهه جي بيان تي مبني آهي جنهن ۾ هن اعتراف ڪيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ۾ اڳوڻي فوجي صدر جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت پاران دٻاءُ وڌو ويو هو. ان ريفرنس ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي خلاف قتل ڪيس جي ٻڌڻي سيشن ڪورٽ بدران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪئي وئي، جيڪا آئين جي ڀڃڪڙي هئي.سپريم ڪورٽ ۾ ذوالفقار ڀٽو خلاف صدارتي ريفرنس تي 6 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، جن مان پهرين ٻڌڻي 2 جنوري 2012ع تي جڏهن ته آخري ٻڌڻي 12 نومبر 2012ع تي ٿي.اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 11 رڪني لارجر بينچ پهرين 5 ٻڌڻيون ڪيون. آخري ڪلاڪ ۾ 8 چيف جسٽس پنهنجو مدو پورو ڪري چڪا آهن ۽ ڪنهن به صدارتي ريفرنس کي ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيو آهي.اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار ڀٽو خلاف صدارتي ريفرنس پنجن سوالن تي ٻڌل آهي. صدارتي ريفرنس جو پهريون سوال اهو آهي ته ذوالفقار ڀٽو جي قتل جو ٽرائل آئين ۾ درج بنيادي انساني حقن جي مطابق هو.ٻيو سوال اهو آهي ته ڇا سپريم ڪورٽ پاران ذوالفقار ڀٽو کي موت جي سزا ڏيڻ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۽ سڀني هاءِ ڪورٽن تي آرٽيڪل 189 تحت عدالتي نظير جي طور تي لاڳو ٿيندو؟ جيڪڏهن نه ته ان فيصلي جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ ٽيون سوال اهو آهي ته ڇا ذوالفقار علي ڀٽي کي موت جي سزا ڏيڻ صحيح فيصلو هو؟ ڇا ذوالفقار علي ڀٽي کي موت جي سزا ڏيڻ جو فيصلو تعصب نه هو؟چوٿين سوال ۾ پڇيو ويو آهي ته ڇا ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏنل موت جي سزا قرآني حڪمن جي روشني ۾ درست آهي؟ جڏهن ته پنجون سوال اهو آهي ته ڇا ذوالفقار علي ڀٽي خلاف ڏنل ثبوت ۽ شاهدن جا بيان کيس سزا ڏيڻ لاءِ ڪافي هئا؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.