ملڪ جا ڪيترائي بنيادي مسئلا آهن جيڪي گذريل ڪئين سالن کان حل نه ٿي سگهيا آهن، جن مان وڏي ۾ وڏو مسئلو نوجوانن جي بيروزگاري، وڌندڙ مھانگائي آهي، پر ان کي ختم ڪرڻ يا ان مسئلي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪا به حڪومت يا سياستدان سنجيدگي جو مظاهرو نٿا ڪن، جنهن سبب اھو مھانگائي جو پراڻو مسئلو هن وقت تائين حل نه ٿي سگهيو آهي، مطلب ته ھر ايندڙ ڏينهن مھانگائي جو هڪ نئون طوفان ايندو ٿورهي.
گزريل ڏيڍ سال جي شھباز حڪومت کان وٺي موجوده حڪومت جي ٻن مهينن ۾ رڪارڊ مھانگائي ٿي رهي آهي، ن ليگ وٽ صرف هڪ ئي واويلا رهجي ويو آهي ته عمران حڪومت مھانگائي جي ذميوار آهي. ڏيڍ سال جي حڪومت جا ڪجھه مثال توهان جي سامھون پيش ڪجن ٿا ته موجوده حڪومت جي سميت ٻن سالن اندر ملڪ ۾ ڪيتري حد تائين مھانگائي وڌي آهي، ڏٺو وڃي ته پي ٽي آءِ حڪومت دوران گيهه 275 مان 540 تي پھچي چڪو آهي، آئل 120 مان 560 ھڪ لٽر ٿي ويو آهي، جڏهن ته کنڊ 50 مان وڌي180 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي، اٽو 40 مان 130 رپيا، دال 320، ڏئي 320 ،نيسلي کير 270 ليٽر ۽ کليل ڍيري 200، ڪلو تي پهتا آهن، سرف ادڪلو 290 صابن 95 ،پيسٽ 195،روزمرهه جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي سان غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
غريب جيڪو ٻه ويلا ماني لاءِ پريشانيءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، اھو غريب مسڪين وڌندڙ مھانگائي کي ڪيئن منهن ڏي ٿو سگهي. اسڪولن جي فيس بجلي جا بل گيس جا بل ،شادي غمي اٿڻي ويھڻي روز مره جو خرچ ڀاڄيون گوشت وغيره ميوا ته عام ماڻهو خوابن ۾ يا وري جنت ۾ کائيندا . آخر غريب مزدور ماڻهو ھن رڪارڊ مھانگائي واري دور ۾ پنھنجي گھر جو گذر سفر ڪيئن ڪري سگهي ٿو؟ جڏهن به ملڪ اندر پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ٿيندي آهي ته روزمرهه جي شين کي پر لڳي ويندا آهن جنهن سبب ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي جو جن بوتل مان نڪري ايندو آهي، جنھن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪير به سنجيده نه آھي، پيٽرول جيڪو 2 سال اڳ 150 رپيا لٽر ملندو هو، اڄ اھو ساڳيو پيٽرول ملڪي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو 282 رپيا لٽر تي پھچي چڪو آهي پر اڄ به اسان جا حڪمران ايئن چوڻ ۾ فخر محسوس ٿا ڪن ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان اندر پيٽرول سستي اگھه تي وڪرو ٿي رهيو آهي، شايد حڪمرانن کي اھا خبر نه آهي ته جن ملڪن اندر پيٽرول مھانگو آهي ته اتي جي ڪرنسي به اسان جي ملڪ کان وڌيڪ قدر واري آهي، جيڪڏهن ٻين ملڪن ۾ پيٽرول مھانگي اگهه تي وڪرو ٿيندو آهي ته انھن ملڪن ۾ کاڌي پيتي جون شيون اڄ به سستي اگھه تي ملي رھيون آھن پر دنيا اندر فقط اسان جو ملڪ آهي جتي ھر شيءِ ڏينھون ڏينهن مھانگي ٿي رهي آهي، وڏي ڳالهه اها آهي ته ملڪ اندر وڌندڙ مھانگائي جي ذميواري ڪير قبولڻ لاءِ تيار نه آهي، سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ملڪ اندر وڌندڙ مھانگائي جو ذميوار ڪير آهي؟
ملڪ اندر وڌندڙ مھانگائي جا ذميوار واپارين کان وٺي ملڪ جا حڪمران آهن، وقت جي حڪمرانن کي گھرجي ته پنهنجي شاھي خرچن کي گھٽائي ڇڏين جنهن سان ناڻي ۾ بچت وارو ماحول جڙي سگهي ٿو جيڪڏهن وقت جا حڪمران غريبن سان زيادتي ڪن ته اپوزيشن پارٽين جو فرض آهي ته اھي انھن زيادتين تي خاموشي اختيار نه ڪن عوام جي حقن لاءِ آواز بلند ڪن پر افسوس ته گذريل ڪجهه سالن کان جھڙي طرح حڪومت عوام سان زيادتيون ڪري رهي آهي، بلڪل ساڳي طرح اپوزيشن پارٽيون انھن جا ليڊر ميمبر خاموش نظر اچن ٿا، اپوزيشن ته رهي نه آهي مظلوم عوام ڪاڏي وڃي .مطلب ته پنھنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪري عوام کي ويتر پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو اٿن، ياد رهي ته سرڪاري ملازمن توڙي نجي ملازمن جي پگهارن ۾ سال اندر ھڪ دفعو واڌارو ٿيندو آهي ته پوءِ بل ۾ واڌارو ھر مھيني ڇو ٿو ٿئي؟ عام ماڻهو جو سوال آهي ،ته پوءِ مھانگائي سال اندر ھڪ ڀيري کان وڌيڪ ڇو ڪئي ويندي آهي؟ جيڪڏهن تيل جون قيمتون عالمي مارڪيٽ جي حساب سان وڌائين ٿا ته پوءِ ملازمن جون پگھارون ۽ مزدورن جي ڏھاڙي عالمي ليول تي ڇو نٿا وڌائين.
وڏي افسوس جو مقام آهي ته ملڪ اندر ھڪ پاسي مھانگائي جو طوفان ھلي رھيو آھي ته ٻئي پاسي وفاقي حڪومت عوام جي ٽيڪس مان وفاقي وزيرن جي آسائشن تي خرچ ڪري رهي آهي هن وقت به اهو سلسلو جاري آهي ، جڏهن عالمي منڊي ۾ تيل ڊالر ۾ گهٽتائي اچي ٿي ته پوء اگهن ۽ مھانگائي ۾ ڪمي ڇو نٿي اچي ڇو عمل درآمد نٿو ڪرايون وڃي. ڊپٽي ڪمشنر جي ذميواري الائي ڪهڙي آهي جو ريٽ نه ته گهٽ ڪيا ٿا وڃن نه چيڪ ڪيو ٿو وڃي نه ڪا ريٽ لسٽ ئي ڪڏهن نظر اچي ٿي ھر دڪاندار پنهنجي مرضي سان سامان جو اگھه مقرر ڪري وڪرو ڪري رهيا آهن.
ياد رهي ته سرڪاري ملازمن توڙي نجي ملازمن جي پگهارن ۾ سال اندر ھڪ دفعو واڌارو ٿيندو آهي ته پوءِ بل ۾ واڌارو ھر مھيني ڇو ٿو ٿئي؟ عام ماڻهو جو سوال آهي ،ته پوءِ مھانگائي سال اندر ھڪ ڀيري کان وڌيڪ ڇو ڪئي ويندي آهي؟ جيڪڏهن تيل جون قيمتون عالمي مارڪيٽ جي حساب سان وڌائين ٿا ته پوءِ ملازمن جون پگھارون ۽ مزدورن جي ڏھاڙي عالمي ليول تي ڇو نٿا وڌائين.جڏهن به ملڪ اندر پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ٿيندي آهي ته روزمرهه جي شين کي پر لڳي ويندا آهن جنهن سبب ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي جو جن بوتل مان نڪري ايندو آهي، جنھن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪير به سنجيده نه آھي.