ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي ۾ ٻن هفتن اندر باهه جو ٻيو وڏو واقعو پيش اچي ويو، عائشه منزل ڀرسان دڪانن ۽ رهائشي فليٽن ۾ خوفناڪ باهه لڳي وئي ، جتي 4 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 2 زخمي سڙيل حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. ڪراچي جي علائقي عائشه منزل ڀرسان ارشي شاپنگ مال ۽ 4 ماڙ رهائشي فليٽ ۾ باهه لڳي وئي، باهه دڪانن اڳيان بيٺل گاڏين کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته دڪانن مان لڳل باهه رهائشي عمارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، فائر برگيڊ جون وڌيڪ گاڏيون طلب ڪيون ويون. پوليس جو چوڻ آهي ته اوچتو فوم جي دڪان ۾ باهه لڳي وئي جيڪا وڌيڪ پکڙجي وئي، سمورن دڪانن ۾ فوم ۽ گدا سڙيل آهن. فائر برگيڊ اهلڪارن دعويٰ ڪئي آهي ته 7 فائر ٽينڊر، هڪ اسنارڪل ۽ هڪ باوزر واقعي واري هنڌ پهچي ويا. انتظاميا جي فائر برگيڊز ۽ پاڪ نيوي جي فائر فائٽرز باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ حصو ورتو. عمارت ۾ اڍائي سئو کان وڌيڪ دڪان ۽ 450 فليٽ هئا، ريسڪيو ون ون ٽو ٽو چيو آهي ته متاثر عمارت ڪنهن به وقت ڊَهـِي سگهي ٿي، شهرين کي عمارت کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.فائر بريگيڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته دڪانن کان شروع ٿيندڙ باهه رهائشي عمارت تائين به پهچي وئي، فائر بريگيڊ جون وڌيڪ گاڏيون طلب ڪيون ويون آهن. پوليس ٻڌايو ته فوم جي هڪ دڪان ۾ اوچتو باهه لڳي، جيڪا پکڙجندي وئي، سڀني دڪانن ۾ فوم ۽ ميٽرس موجود آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس، ريسڪيو ادارن طرفان رهائشي عمارت مان ماڻهن کي ڪڍڻ جون ڪوششون جاري آهن. عباسي شهيد اسپتال جي اختيارين موجب فوت ٿيل ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي آهي، هڪ فوتگي جي سڃاڻپ 45 ورهين جي غلام رضا، ٻئي جي سڃاڻپ 35 ورهين جي نعمان بيگ جي نالي سان ٿي آهي . رات دير سان وڌيڪ هڪ لاش ڪڍيو ويو. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته گتي جي دڪان ۾ لڳل باهه ڀرپاسي جي دڪانن کانپوءِ پنج ماڙ تائين رهائشي فليٽس کي وڪوڙي وئي .گهڻا ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻاهر نڪري ويا، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن عمارت مان 300 ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ورتو. عمارت ۾ اڍائي سئو کان وڌيڪ دڪان ۽ 450 فليٽ هئا، ريسڪيو ون ون ٽو ٽو چيو آهي ته متاثر عمارت ڪنهن به وقت ڊَهـِي سگهي ٿي، شهرين کي عمارت کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي هڪ فوتگي جي سڃاڻپ 45 ورهين جي غلام رضا، ٻئي جي سڃاڻپ 35 ورهين جي نعمان بيگ جي نالي سان ٿي آهي .متاثر دڪاندار جو چوڻ هو ته دڪان ۾ سلينڊر ليڪ ٿيڻ ڪري باهه لڳي وئي، باهه فرنيچر جي دڪانن تائين پکڙجي وئي، جتي فوم جي گدن سبب باهه وڌيڪ پکڙجي وئي، عمارت جي مٿين منزلن تائين پهچي وئي ۽ هر طرف دونهون پکڙجي ويو. نگران وڏي وزير باهه واقعي جي جاچ لاءِ ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ورتي. ڪميٽي کي ٽن ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.