ڪراچي ( رپورٽر ) ڊي جي رينجرز (سنڌ) ميجر جنرل اظهر وقاص جي صدارت هيٺ هيڊڪوارٽر پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۾ اعليٰ سطحي سيڪيورٽي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪراچي شهر جي امن امان جي صورتحال خاص طور اسٽريٽ ڪرائم، اسنيچنگ، اينٽي اسمگلنگ، پاڻي چوري جي روڪٿام ۽ ٻين ڏوهن جي روڪٿام ۽ غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي ڪڍڻ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي، جوائنٽ ڊي جي آءِ بي، ڊي آءِ جيز (اسپيشل برانچ، ايسٽ، سائوٿ، ويسٽ، سي آءِ اي ۽ ٽريفڪ)، پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رينجرز ۽ پوليس اسٽريٽ ڪرائم، اسنيچنگ، اينٽي اسمگلنگ، پاڻي چوري ۽ ٻين ڏوهن جي روڪٿام، غير قانوني ڌارين جي نيڪالي، غير قانوني هٿيارن جي نمائش ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڏوهاري عناصرن خلاف پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ پوليس جو گڏيل ڪومبنگ آپريشن، بين الصوبائي چيڪنگ پوائنٽس تي گشت ۽ اسنيپ چيڪنگ جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ آپريشن جو سلسلو جاري آهي.