سينيٽرز، ايم پي ايز ۽ وڪيلن جي نمبر پليٽ لڳل گاڏين خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس عبدالرحمان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪراچي ۾ غير قانوني پارڪنگ فيس  ڪيس ۾ ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيزپاران پارڪنگ وارن روڊن ۽ علائقن جي واضح نشاندهي نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهارڪندي چيو ته سينيٽرز، ايم پي ايز، ايم اين ايزم هاءِ ڪورٽ بار ، سنڌ بارڪائونسل  جي ميمبرز جي پليٽ لڳل گاڏين توڙي ڪارن شيشن، فينسي نمبر پليٽ ۽ پريشر هارن وارين گاڏين خلاف مثالي ڪارروائي ڪئي وڃي، عدالت چيو ته سينيٽرز، ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ وڪيلن جي پليٽ لڳائڻ جي قانون ۾ ڪا گنجائش ناهي، سڀني خلاف ڪارروائي ڪريو مثال قائم ڪريو ته جيئن اڳتي ڪير به ڀڃڪڙي نه ڪري سگهي، بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي، عدالت ڊي آءِ جي ٽريفڪ اقبال دارا کي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ وڏن ماڻهن جي پراڊوز، ويگوز ۽ ٻين مهانگين گاڏين خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته عدالت ڪي ايم سي کي شهر مان غيرقانوني پارڪنگ ختم ڪرڻ هدايت ڪري ڇڏي آهي،  ٻڌڻي دوران ڪي ايم سي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ لوگل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ڪي ايم سي کي روڊ مينٽيننس جي لاءِ پارڪنگ وصولي جي اجازت آهي ان جي لاءِ ڪي ايم سي کي 41 روڊن ۽ سروس روڊز تي پارڪنگ فيس وصول جي اجازت آهي، عدالت پارڪنگ جي قانون ۽ پارڪنگ في وٺڻ سميت ٻين جا تفيصل ۽ جامع پلان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 13ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.