توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس، عمران خان جي جيل ٽرائل جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي جيل ٽرائل جو فيصلو ڪيو ويو.
اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ فواد چوڌري خلاف ٽرائل اڊيالا جيل ۾ ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن گهرو وزارت ۽ قانون واري وزارت جي راءِ کانپوءِ ٽرائل جو فيصلو ڪيو، اڳوڻي تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ فواد چوڌري خلاف فرد جرم جي ڪارروائي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن طرفان گهرو وزارت کي ٻن ڏينهن ۾ انتظام مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اڳوڻي تحريڪ انصاف چيئرمين تي توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ فرد جرم 13 ڊسمبر تي لاڳو ٿيندو، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اليڪشن ڪميشن جيل ۾ ٽرائل ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.