پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس نئين تاريخ لکي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس 64 هزار جي حد پار ڪري نئين تاريخ لکي ڇڏي.
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري ڏينهن جي شروعات سان ئي هاڪاري رجحان ڏٺو ويو ۽ هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس 1075 پوائنٽون واڌ سان 64031 تي پهچي ويو، جيڪا ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح آهي.
ڪاروبار جي پڄاڻي تي انڊيڪس 961 پوائنٽون واڌ سان 63 هزار 917 تي بند ٿيو.
واضح رهي ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي نظر اچي رهي آهي ۽ روز نوان رڪارڊ قائم ٿي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.