ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهي بابت صدارتي ريفرنس جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بابت صدارتي ريفرنس جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيڻ جو امڪان آهي.
ريفرنس ايندڙ ٻن هفتن ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيڻ جو امڪان آهي، صدارتي ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيڻ تي لارجر بئنچ جوڙي ويندي.
ذريعن موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، ڀٽو ريفرنس تي ٻڌڻي ڪندڙ عدالتي بئنچ جي سربراهي ڪندو.
ذوالفقار علي ڀٽو بابت صدارتي ريفرنس تي هيل تائين سپريم ڪورٽ ۾ 6 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ٻه اپريل 2011 ۾ ريفرنس سپريم ڪورٽ موڪليو هو.
صدارتي ريفرنس تي پهرين ٻڌڻي ٻه جنوري 2012 ۾ ٿي هئي، جڏهن ته ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهي بابت صدارتي ريفرنس تي آخري ٻڌڻي 12 نومبر 2012 ۾ ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.