نواز شريف جي 15 سالن کانپوءِ چوڌري شجاعت سان ملاقات، سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف ۽ ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ چونڊن لاءِ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق ڪيو ويو.
اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف آخري ڀيرو 2009 ۾ چوڌري شجاعت جي ماءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ وٽس ويو هو.
نواز شريف اربع ڏينهن تقريبن 15 سالن کانپوءِ چوڌري شجاعت سان ملڻ سندس رهائشگاهه پهتو، جتي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات 40 منٽن تائين جاري رهي.
شهباز شريف، مريم نواز، راڻا ثناءُ الله، اياز صادق ۽ اعظم نذير تارڙ به نواز شريف سان گڏ هئا، جڏهن ته چوڌري شجاعت حسين طرفان ملاقات ۾ چوڌري سالڪ حسين، چوڌري شافع حسين، چوڌري وجاهت ۽ طارق بشير چيما شريڪ ٿيا.
ملاقات ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ۽ ايندڙ چونڊن بابت مشاورت ڪئي وئي، ان دوران چوڌري شجاعت مطالبو ڪيو ته جن سيٽن تان اسان جا ماڻهو کٽيا هئا، نه رڳو اهي ڏنيون وڃن پر گجرات، سيالڪوٽ، منڊي بهاوالدين ۽ حافظ آباد ۾ به سيٽون ڏنيون وڃن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ ۽ ق ليگ وچ ۾ پنجاب اسيمبلي جي ٽن ۽ قومي اسيمبلي جي ٻن سيٽن تي مشاورت مڪمل ٿي چڪي آهي، ن ليگ طارق بشير چيما جي مقابلي ۾ ڪو اميداور نه بيهاريندي.
ذريعن موجب چڪوال مان اڳوڻي ايم اين اي چوڌري سالڪ جي سيٽ تي به ايڊجسٽمينٽ ٿي چڪي آهي، جڏهن ته چوڌري شافع گجرات مان چونڊ وڙهندو پر ملاقات ۾ موجود چوڌري وجاهت جي پٽ ۽ اڳوڻي ايم اين اي حسين الاهي جي سيٽ تي ڪا مشاورت نه ٿي، ٻنهي پاسن کان ان تي پوءِ مشاورت تي اتفاق ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ طئي ٿيو ته ٻين ٻن صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي جيڪي نالا چوڌري شجاعت ڏيندو، انهن جي سيٽ ڪنفرم هوندي، تنهن ڪري چوڌري شجاعت ٻنهي پٽن جو نالو ڏنو آهي، انهن سان مقابلي ۾ ن ليگ ڪو اميدوار نه بيهاريندي.
ذريعن موجب جيڪڏهن چوڌري سالڪ قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهندو ته ان جي هيٺان ٻه صوبائي اسيمبلي اميدوار ن ليگ جا هوندا، جڏهن ته طارق بشير چيما جي هيٺان 2 صوبائي اسيمبلين تي به ن ليگ جا اميدوار هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.