سٺي خبر، سون اڄ به سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ اڄ في تولي سون جي قيمت ۾ 1300 رپيا لاٿ ٿي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت ٻه لک 18 هزار 100 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون هڪ هزار 114 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 86 هزار 986 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 9 ڊالر گهٽجڻ سان 2028 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.