ڪراچي ۾ ٻاڪري گوشت جي نئين قيمت مقرر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي انتظاميا ٻاڪري گوشت جي سرڪاري قيمت مقرر ڪري ڇڏي.
ڪراچي جي ڪمشنر سهيل راجپوت ٻاڪري گوشت جي اگهه جي نئين فهرست جاري ڪري ڇڏي، جنهن تحت ٻاڪرو گوشت 1700 رپيا في ڪلو هوندو.
ڪمشنر ٻڌايو ته رڍ جو گوشت 1490 رپيا ۽ گَهٽي جو گوشت 1590 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته مقرر سرڪاري اگهه کان وڌيڪ تي گوشت وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته شهر ۾ هن وقت ٻاڪرو گوشت 2 هزار کان 25 سئو رپيا ڪلو ملي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.