ڀارت ۾ سامونڊي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، عامر خان به ڦاسي پيو

ڀارت ۾ سامونڊي طوفان تباهي مچائي ڇڏي ۽ انهيءَ دوران ٻوڏ ۾ ڦاٿل اداڪار عامر خان کي ٻيڙي ذريعي ريسڪيو ڪرڻ جون تصويرون سامهون آيون آهن.
ڀارتي رياست آنڌرا پرديش جي سامونڊي پٽي سان ميچونگ طوفان ٽڪرائجڻ کان پوءِ ڀارتي شهر چنئي ۾ طوفاني برساتون ٿي رهيون آهن جنهن زندگي جو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ان طوفان سبب تامل ناڊو رياست ۾ به شديد برساتون ٿي رهيون آهن، ٻوڏ صورتحال ۾ هيل تائين 13 ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.
اداڪار عامر خان ۽ تامل اداڪار وشنو وشال به ٻوڏ صورتحال سبب چنئي ۾ ڦاسي پيو هو جنهن کي مقامي اختيارين ٻيڙيذريعي ريسڪيو ڪيو.
اداڪار وشنو وشال ايڪس تي پنهنجي گھر جون تصويرون شيئر ڪيون جي چئني ڏسي سگھجي ٿو ته چئني پاسن کان پاڻي آهي.
هن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته پاڻي منهنجي گھر ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ ان جي سطح بري طرح سان وڌي رهي آهي.
ان پوسٽ کان پوءِ وشنو وڌيڪ تصويرون شيئر ڪيون جنهن ۾ هن سان گڏ عامر خان به ٻيڙي ۾ سوارنظر آيو.
پوسٽ ۾ تامل ادار ٻڌايو ته فائر اينڊ ريسڪيو ڊپارٽمينٽ جي مدد سان ٻيڙي ذريعي هو ان صورتحال کان ٻاهر نڪتا.
ٻي پاسي اداڪار وشنو وشال جي پوسٽ تي تامل ناڊو جي وزير ٽي آر بي راجا ردعمل ڏنو ۽ اداڪار کي مخاطبڪندي چيو ته مون پاران تنهنجي برابر ۾ ويٺل سٺي شخص (عامر خان) جو به ٿور مڃجو ڇو جو هو هڪ سٺو انسان آهي ۽ هن پاڻ کي ريسڪيو ڪرائڻ لاءِ ڪنهن به سفارش جو سهارو نه ورتو.
وزير وڌيڪ لکيو ته عامر خان سفارش ڪرائڻ بدران عام شهرين جيان مدد جو انتظار ڪيو.
واضح رهي ته شديد برساتن کي نظر ۾ رکندي تامل ناڊو رياست، آنڌرا پرديش ۽ اڙيسا ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
چنئي ايئرپورٽ جو رن وي ۽ سبويز پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن، چنئي ۾ طوفاني برسات سبب ٽرينون ۽ اڏامون ۽ اسڪول بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته شهر جو وڏو حصو بجلي کان محروم ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.