منشيات سمگلنگ ۾ عورتن کي استعمال ڪرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اينٽي نارڪوٽڪس فورس هڪ هفتي ۾ 6 منشيات سمگلر عورتن کي گرفتار ڪري 26 ڪلو کان وڌيڪ منشيات برآمد ڪري ورتي.
اينٽي نارڪوٽڪس فورس سڄي ملڪ ۾ ڪارروائيون ڪندي هڪ هفتي ۾ 6 منشيات سمگلر عورتن کي گرفتار ڪري ورتو.
ترجمان ٻڌايو ته ڪارروائين ۾ گرفتار جوابدارن وٽان 26 ڪلو کان وڌيڪ منشيات برآمد ڪئي وئي، گرفتار عورتون بين الصوبائي ۽ عالمي سطح تي سمگلنگ ۾ به ملوث آهن.
اي اين ايف ترجمان موجب علامه اقبال ايئرپورٽ تي عورت جي پيٽ مان 87 ڪلو هيروئن سان ڀريل ڪيپسول برآمد ٿيا، جڏهن ته ملتان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي عورت سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
ترجمان ٻڌايو ته ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ ڪارروائي دوران ٻن عورتن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته اسلام آباد چورنگي 26 ڀرسان به عورت منشيات فروش جي گرفتاري عمل ۾ آندي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.