ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي ڪورنگي جي علائقي ملير ڪالا بورڊ وٽ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار جوابدار هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ / ماليت جا موبائيل فون چوري ڪري فرار ٿي ويا. ايس ايڇ او ماڊل ڪالوني سلطان قريشي موجب ڪار ۾ سوار 2 ڄڻا ڪارٽون ۾ آئي فون کڻي قائد آباد طرف وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن ڪارٽن ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هن ٻڌايو ته ٻئي ڄڻا دڪاندار آهن ۽ صدر موبائيل مارڪيٽ مان ڪارٽن ۾ 34 آئي فون کڻي وڃي رهيا هئا، جن جي قيمت 1 ڪروڙ 15 لک جي لڳ ڀڳ ٻڌائي وڃي ٿي. هن شڪ جو اظهار ڪيو آهي ته جوابدار صدر کان متاثرن جو پيچهو ڪري رهيا هئا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.