اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ملڪ جي نامياري صحافي ۽ اينڪر طلعت حسين چونڊن کانپوءِ ٽي وي اسڪرين ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، نامياري صحافي راجا عاطف ذوالفقار جو چوڻ آهي ته نامياري صحافي طلعت حسين زندگيءَ جو وڏو حصو پرنٽ ميڊيا ۾ ڪم ڪيو ان بعد ٽي وي چينلن تي ڪم ڪري رهيو آهي.تازو هڪ انٽرويوءَ ۾ طلعت حسين چيو آهي ته هاڻي ٽي وي اسڪرين محدود ٿي وئي آهي. يوٽيوب چينل هن وقت انتهائي موثر آهي. ان ڪري هو عام چونڊن بعد ٽي وي اسڪرين ڇڏي يوٽيوب چينل تي ڌيان ڏيندو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عمران خان جي دور ۾ ميڊياتي جيتريون پابنديون لڳيون اڳ ڪڏهن به نه لڳيون هيون.