اڍائي مهينن کان گم آفتاب بروهي کي قتل ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايو ويو

ڪراچي/سرجاڻي ٽائون (رپورٽر) اڍائي مهينن کان گم ٿيل نوجوان آفتاب بروهي کي پوليس هڪ قتل ڪيس ۾ ملوث ڄاڻائي ڇڏيو، سنڌ  هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس ثناء تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ پوليس نوجوان آفتاب بروهي بابت جاچ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، پوليس رپورٽ ۾ آفتاب بروهي کي روپوش قرار ڏئي ڇڏيو، وڌيڪ چيو ويو ته آفتاب بروهي سرجاڻي ٽائون ٿاڻي ۾ داخل قتل ۽ قتل ڪرڻ جي ارادي واري ڪيس ۾ نامزد آهي، آفتاب بروهي جاچ پوليس جي حراست ۾ نه آهي نه ئي آفتاب بروهي کي پوليس گرفتار ڪيو آهي، وڪيل امتياز بروهي موجب 25 سيپٽمبر تي پوليس مون کي ۽ ڀاءُ آفتاب  کي گرفتار ڪيو ھو، ٻئي ڏينهن تي مون کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو پر منهنجو ڀاءُ گم آهي، ميڊيا تي منهنجي ۽ ڀاءُ جي گرفتاري جي حوالي سان خبرون هلايون ويون، پوليس موجب عدالت گم ٿيل شهري آفتاب کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، هن چيو ته پوليس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ منهنجي ڀاءُ کي آزاد ڪرايو وڃي، عدالت آفتاب بروهي کي پيش ڪرڻ لاءِ پوليس کي 3 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.