فائرنگ الزام رد، پي ٽي ايم تي بندش لاءِ غور ٿي رهيو آهي: جان اچڪزئي

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي پشتون تحفظ موومنٽ جي سربراهه منظور پشتين تي فائرنگ جي الزام  کي رد ڪندي چيو آهي ته فائرنگ منظور پشتين جي هڪ محافظ ڪئي جنهن سان هڪ عورت ۽ هڪ ٻار زخمي ٿيو آهي.  نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته منظور پشتين کي حراست ۾ وٺڻ بعد صوبي بدر ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن کي حفاظت سان ڊي آءِ خان پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. نگران اطلاعات واري وزير چيو ته بلوچستان جي نوجوانن ۽ سول سوسائٽي طرفان پي ٽي ايم تي پابندي جو مطالبو سامهون آيو آهي، سو شل ميڊيا سميت ٻين ذريعن بلوچستان جي نوجوان پي ٽي ايم کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي رهيا آهن، ان صورتحال جو حڪومت غور سان جائزو وٺي رهي آهي. جان اچڪزئي چيو ته منظور پشتين پابندي جي باوجود صوبي ۾ داخل ٿيو، ضلعي چمن آيو ۽ گذريل ڪيترن ڏينهن کان چمن ۾ جاري ڌرڻي کي بار بار خطاب به ڪري رهيو هو. جان اچڪزئي سومر ڏينهن پيش آيل واقعي تي چيو ته جڏهنه منظور پشتين تربت وٺڻ لاءِ چمن شهر کان نڪتو ان جي هڪ محافظ چمن پريس ڪلب سامهون فائرنگ ڪئي جنهن سان هڪ عورت ۽ ٻار زخمي ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.