ثقافت کاتي ڪوٽ ڏيجي قلعي مان گم ٿيل 6 توپن جو پتو لڳائي ورتو

ڪراچي ( رپورٽر )  سنڌ جي ثقافت کاتي ڪوٽ ڏيجي قلعي مان گم ٿيل 6 توپن جو پتو لڳائي ورتو. ثقافت کاتي تاريخي توپن جي واپسي  لاءِ پوليس ۽ انتظاميا سان رابطو ڪيو آهي، توپن جي واپسي جو سلسلو مرحليوار شروع ٿي ويو آهي، ثقافت واري نگران وزير ڊاڪٽر جنيد علي شاهه موجب 6 توپون ٽالپرن جي دور جي ڪوٽ ڏيجي قلعي جو حصو هيون.  فوري طور تي خيرپور پوليس لائين مان 2 توپون تحويل ۾ ورتيون ويون آهن. ڊاڪٽر جنيد شاهه چيو ته  2 توپون ڊپٽي ڪمشنر هائوس خيرپور، هڪ مريم چوڪ خيرپور ۽ هڪ ٻٻرلوءِ پوليس اسٽيشن ۾ موجود آهي، سنڌ جي نگران ثقافت واري وزير ڊاڪٽر جنيد علي شاهه توپن جي واپسي لاءِ قدم کڻڻ تي آءِ جي سنڌ جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر جنيد علي شاهه جو چوڻ آهي ته توپن جي نه هجڻ سبب قلعي جي تاريخي حيثيت متاثر ٿي رهي هئي،  تاريخي توپون 30 سالن کان واپسي جي انتظار ۾ هيون. ڊاڪٽر جنيد شاهه موجب سنڌ جا تاريخي ماڳ قومي اثاثو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.