رپورٽن موجب ڪي اليڪٽرنڪ سميت ٻين بجلي ڪمپنين پاران صارفين ڏانھن واڌو ۽ ڪوڙا بل موڪلي عوام جي کيسن تي ڪروڙين رپين جو ڌاڙو ھنيو ويو آھي. واپڊا ھجي يا ڪي اليڪٽرانڪ، حقيقت اھا آھي ته اھي عوام کي سھولت گھٽ پر آزار وڌيڪ ڏنا آھن. بجلي ايتري قدر مھانگي ٿي وئي آھي، جو عوام لاءِ بجلي جو جائز بل به ھڪ قسط ۾ ڀرڻ ڏکيو بڻجي ويو آھي ته پوءِ ماڻھو ڪوڙا ۽ واڌو بل ڇا پنھنجا عضوا ۽ ٻارڙا کپائي ڀريندا؟ملڪ جو عوام گھڻ رخي عذاب ڀوڳي رھيو آھي، مھنگائي، بدامني، لاقانونيت، پنھنجا نوازي، ميرٽ جو قتل ۽ ادارن جي نااھلي ماڻھن جو جيئڻ دشوار بڻائي ڇڏيو آھي.
ترقي يافته ملڪن ۾ ادارا عوام دوست ھوندا آھن، جيڪي عوام کي سھولتون پھچائڻ لاءِ رات ڏينھن ڪوشان ھوندا آھن ۽ پنھنجي ذميداري احسن طريقي سان نڀائيندا رھندا آھن. جيڪڏھن ڪنھن ڪارڻ ٿورڙي به تڪليف عوام کي پھچندي آھي ته اتان جا ذميدار ادارا بنا ڪنھن دير ۽ جھجھڪ جي پنھنجي ڪوتاھي جو اعتراف ڪري يڪدم عوام کان معافي گھرندا آھن، ڇا ڪاڻ ته انھن ادارن جي عوام جو تحفظ ۽ کين سھولتون فراھم ڪرڻ جي ذميداري ھوندي آھي، ۽ عوام جي ٽيڪس مان حاصل ٿيندڙ پئسن مان ادارن جي ھزارين ملازمن کي پگھارون ملنديون آھن. شايد انھن جي ترقي جي رازن مان ھڪ راز اھو به آھي، ته اھي پنھنجون ذميداريون فرض سمجھي نڀائيندا آھن، جنھن سان سندن ادارا ۽ ملڪي معيشت مضبوط ٿيڻ سان گڏ عوام کي پڻ بي شمار سھولتون ملنديون آھن.
عالمي تناظر ۾ جيڪڏھن اسين ھتان جي ادارن جي ڪارڪردگي ڏسنداسين ته اھا نھايت ئي مايوس ڪن ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ابتڙ نظر ايندي. ستم ظريفي اھا آھي ته ھتي عوام جا محافظ ئي عوام کي ٻنھي ھٿن سان لٽي ۽ ڦري رھيا آھن. ھتي جا ڌاڙيل، پوليس وارا ۽ جڏھن ته پوليس وارا وري ڌاڙيل بڻجي ڦرون ڪندا آھن. ڪرپشن ۽ رشوت کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا خود بدعنواني ۾ ملوث ڏٺا ويا، انصاف ٽڪن تي وڪامجي پيو. ھر ھنڌ ڪٿي به ڪنھن جو جائز ڪم به ناجائز پئسن کان سواءِ نٿو ٿئي. رشوت خوري ۽ ڪرپشن ايتري حد تائين وڌي وئي آھي، جو سرڪاري ادارا ته رشوت ۽ ڪرپشن جو ڳڙھ بڻجي چڪا آھن، پر خانگي ادارا پڻ ان گوءِ ۾ ڪنھن به طرح پٺتي بيٺل نظر نٿا اچن، جنھن سبب نه رڳو ھر ماڻھوءَ ڀوڳي ٿو، پر ان جا ملڪي معيشت ۽ سماج تي پڻ ناڪاري اثر پئجي رھيا آھن.
ان لاءِ ملڪ جي ادارن کي عوام دوست بئائڻ جي سخت ضرورت آھي. ڪوڙن ۽ واڌو بلن جي ذريعي عوام جي کيسي تي ڪروڙين رپين جو ڌاڙو ھڻندڙن جو تعين ڪري ذميدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن عوام جي اھنجن جو ڪجھه ازالو ٿي سگھي.
-
ڪوھيڙي سبب ٿيندڙ روڊ حادثا
نومبر جي پڇاڙڪين ڏينھن کان سنڌ جي اترين علائقن ۾ سخت ڪوھيڙو ڇانئجي ويو آھي، جيڪو ڏينھن جو دير تائين برقرار رھي ٿو، جنھن سبب روڊ حادثن ۾ پڻ واڌارو اچي ويو آھي، جنھن ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿي رھيون آھن.
ڪوھيڙي جي موسم ۽ ڪمند جي سيزن گڏ گڏ شروع ٿيندي آھي، ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽراليون روڊن تي ھلڻ سبب ٽريفڪ جي رواني پڻ متاثر ٿيندي آھي ۽ جتي جتي شگر مل ھوندي آھي اتي ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالين توڙي ٽرڪن جي روڊ تي ھڪ وڏي قطار بيٺل نظر ھوندي آھي، مٿان وري ڪوھيڙي سبب گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي وينديون آھن، جنھن ۾ جاني نقصان ٿيندو آھي، ۽ اھڙا افسوس ناڪ حادثا تازو سڪرنڊ ۽ ڪرمپور ۾ پيش اچي چڪا آھن. خبر موجب سڪرنڊ ويجھو مزدوري لاءِ ويندڙ ٽي سڳا ڀائر ھڪ روڊ حادثي جي ور چڙھي فوت ٿي ويا، ڪرمپور ۾ ٽرڪ ۽ مسافر وين ۾ آمھون سامھون ٽڪر سبب چار ڄڻا فوت جڏھن ته پندرنھن ماڻھو سخت زخمي ٿي پيا آھن.
ايندڙ ڏينھن ۾ ڪوھيڙي ۾ اڃان به واڌاري جو امڪان آھي، جيڪو وري فيبروري ۾ گھٽجڻ شروع ٿيندو، ان لاءِ ان عرصي ۾ احتياط ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي، ته جيئن انساني جانيون حادثن کان بچي سگھن.