پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي دعوت ناهي ملي، هو منهنجي طبيعت کان واقف آهن: اعتزاز حسن

لاهور(م ڊ) سينئر وڪيل اعتزاز احسن چيو آهي ته  صرف(ن) ليگي چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن. سائفر ڪيس سڀني کان وڌيڪ آهي، مون  کي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي دعوت ناهي ملي اهي منهنجي طبيعت کان چڱي ريت واقف آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي اعتزاز احسن چيو ته چٽو نظر اچي رهيو آهي ته هي سائفر ڪيس ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ تيار آهن. خط جو اصل مخاطب آرمي چيف هو، هي ڪيس ٻُڙي آهي، هن ۾ سيڪريٽ ڇا آهي.؟ اعتزاز احسن چيو ته جيڪي ماڻهو چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن اهي صرف (ن) ليگي اڳواڻ آهن. ميان صاحب هتي اچي ڦاسي ويو آهي، ميان صاحب کي جڏهن هتان کان ٻاهر ڀڄڻو پوندو تڏهن کيس خبر پوندي. عمران خان جو ٽرائل جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن هي هڪ ماڻهو کي سيڪيورٽي نٿا ڏئي سگهن، اڊيالا کان جوڊيشل ڪمپليڪس تائين نٿا وٺي وڃي سگهن ته 24 ڪروڙ ماڻهن کي ڪيئن تحفظ ڏيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.