عالمي امن ۽ اسرائيل جي دھشتگردي

تحرير: علي رضا نوناري

اسرائيل جيڪو 7 آڪٽوبر کان مظلوم فلسطين جي عوام جي بي رحمي سان ۽ نھايت ئي ظالماڻي انداز سان نسل ڪشي ڪري رھيو آهي، جنهن بارودي باھ سان هن وقت تائين 16 هزار معصوم ماڻھن کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي پر ان ايڏي تباهي تي آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس سميت ڪنهن به انسان دوست ۽ طاقتور ملڪ سندس رستا روڪ نه ڪئي آهي. جنهن مان ڏسي سگھجي ٿو ته اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو تاريخ ۾ ھڪ ٻيو  هٽلر ثابت ٿيو آهي.

اسرائيل حماس سان عارضي جنگبندي کانپوءِ ستت ئي غزا ۽ پنھنجي قبضي هيٺ آيل فلسطيني علائقن مٿان تاريخ جي بدترين بمباري ڪري اتي جي رهائشي عمارتن کي مڪمل طور تي تباھ ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڏينهن اندر 700 معصوم فلسطيني ماڻھو بارودي باھ ۾ مارجي ويا ڪيڏي نه ستم ظريفي جي ڳالھه آهي ته ان ايڏي وڏي سانحي تي پوري دنيا  ۽ انساني حقن جون تنظيمون پڻ خاموش تماشائي بڻيل آهن.

اسين سمجهون ٿا اها خاموشي هڪ خوف آهي جنهن کي عالم ڊراڪولا سمجهي ڊڄي رهيو آهي ۽ اهو خوف هڪ ڏينهن کين به بدحال بڻائي ڇڏيندو. اسرائيلي جارحيت ڏسي دنيا کي ڊڄڻ نه گهرجي .

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي رپورٽ آئي آهي، جنهن ۾ اھو ڄاڻايو ويو آهي ته اسرائيلي جارحيت سبب هن وقت فلسطين جي اسپتالن جي صورتحال برداشت کان ٻاھر آهي هر طرف معصومن سميت سندن والدين جو روڄ راڙو ۽ دانهون پيون ٻڌجن مطلب ته ھر طرف ڪيهون ۽ ڪوڪون آهن. ايترو ئي نه اسرائيلي جارحيت فلسطيني ٻارن جو ننڍپڻ به ڦري ورتو آهي ۽ فلسطيني عوام جي حالت وڏي رحم جوڳي آهي جنهن کي ڏسي روئڻ ايندو آھي.عرب عياشن ۾ گم آهن جنهن جو مثال عرب ملڪن اندر ٿيندڙ نائيٽ پرگرام آھن.  آرمي چيف عاصم منير جنهن چيو ھو ته بي گناھ فلسطين جي عوام مٿان ٿيندڙ  ظلم ڪنهن ٽين عالمي جنگ کي ڇيڙي سگهي ٿو. تنهن ڪري نيتن ياهو کي پنھنجي اهڙي جارحيت ختم ڪرڻ گهرجي. سيد عاصم منير جي ان بيان ضرور نيتن ياهو جي ننڊ ۾ خلل وڌو هوندو.

هيومن رائيٽس واچ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ڪينٿروٿ کي جنهن اسرائيلي جارحيت تي چيو آهي ته اسرائيل اعتراف ڪري ته هو غزا ۾ جنگي ڏوھ ڪري رهيو آهي. يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل جنهن گهري ڏک جو اظھار ڪندي چيو ته فلسطين جو شهر غزا معصوم ٻارڙن جي لاءِ  مناسب ۽ محفوظ هنڌ ناهي ۽ اسرائيل معصومن جو قاتل آهي. هن انهن ٻارن لاءِ چيو آهي جيڪي ان بارودي باھ کان بچي ويا آهن انهن ٻارن کي ان خوف واري فضا ۾ نه جيارڻ گهرجي، نه ته اهي ذهني طور اسرڻ بدران جنگي خوف ۾ ميسارجي ويندا ۽ سچ اهو آهي ته خدا نه ڪري ڪو معصوم ٻار دماغي حوالي سان جڏھن مفلوج بڻجي ٿو وڃي ته پوءِ ان جو نارمل زندگي ڏانھن اچڻ مشڪل بڻجي ويندو آھي.  غزا! جنهن جي آبادي ڏھ لک آهي. جنھن ۾ گھڻائي ٻارڙن جي آهي. هڪ طرف فلسطين اندر ايڏو ڪوس ٿي چڪو آهي جنهن تي  دنيا ڏکاري آهي ته ٻئي طرف اسرائيل جو وزيراعظم نيتن ياهو جنهن چيو آهي ته اسرائيل حماس جي خاتمي ۽ غزا تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ تائين ان جنگ تان هٿ نه کڻندو. سندس ان بيان مان ان جو جنگي جنون واضح آهي ته هو اڃا فلسطين اندر رت جي راند کيڏندي بي گناهن جو رت وهائيندو ۽ کيس ڪير به نه روڪيندو، پر دنيا کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته جيڪڏهن اسرائيل جي فسلطينين جي خلاف دھشتگردي بند نه ڪرائي وئي ته ان سان عالمي امن خطري ۾ پئجي سگھي ٿو.

اسرائيل حماس سان عارضي جنگبندي کانپوءِ ستت ئي غزا ۽ پنھنجي قبضي هيٺ آيل فلسطيني علائقن مٿان تاريخ جي بدترين بمباري ڪري اتي جي رهائشي عمارتن کي مڪمل طور تي تباھ ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڏينهن اندر 700 معصوم فلسطيني ماڻھو بارودي باھ ۾ مارجي ويا ڪيڏي نه ستم ظريفي جي ڳالھه آهي ته ان ايڏي وڏي سانحي تي پوري دنيا  ۽ انساني حقن جون تنظيمون پڻ خاموش تماشائي بڻيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.