حيدرآباد (پ ر) سنڌ جي زمينن تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف عوامي تحريڪ طرفان 14 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا بچايو ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪانفرنس ۾ سياسي، سماجي ڌرين، اديبن، وڪيلن، صحافين، شاعرن، مزدورن ۽ هاري اڳواڻن کي دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ اظهار دائودپوٽي ناليواري اديب جامي چانڊئي، پروفيسر مشتاق ميراڻي، فهيم نوناري، نور محمد بجير، ادريس لغاري، دستگير ڀٽي، سليمان جي ابڙي، صحافي نعمت کهڙي ۽ امر سنڌو سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، ملاقات دوران ناليواري اديب جامي چانڊئي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا سنڌي ماڻهن جي گڏيل ملڪيت آهن جن کي نيلام ڪرڻ جو چونڊيل حڪمرانن ۽ نه ئي وري نگران سرڪار کي اختيار آهي، سنڌ جو عوام سنڌ جي زمينن جي نيلامي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، پروفيسر مشتاق ميراڻي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ عيوض ٻين ملڪن کي ڏيڻ سنڌي ماڻهن سان ظلم آهي. هن ظلم خلاف سمورين ڌرين کي گڏيل آواز اٿارڻ گهرجي، فهيم نوناري چيو ته سنڌي قوم کي ديوار سان لڳائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي پئي وڃي. امر سنڌو چيو ته سنڌ جي زمينن تي بي زمين مقامي هارين جو حق آهي سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا بچائڻ خاطر سگهاري جدوجهد جي ضرورت آهي، صحافي نعمت کهڙي چيو ته سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ وارو فيصلو سنڌ جي وجود تي وار ڪرڻ جو اعلان آهي. سنڌي ماڻهو گڏيل ۽ ٻڌي جدوجهد ذريعي پنهنجي ڌرتي ماءُ جو تحفظ ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ اچن، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ جي شهرن، نوڪرين، روزگار، قدرتي ۽ معدني وسيلن تي قبضي ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي، زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون عسڪري ادارن کي ڏيڻ جو منصوبو سنڌين خلاف هڪڙي گهري سازش آهي، سنڌين جو قومي وجود ۽ وسيلا بچائڻ لاءِ پرامن جمهوري جدوجهد ڪري پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪن.