راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي تي سائفر ڪيس ۾ 12 ڊسمبر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو. اڊيالا جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين ڪئي. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ جي حڪم تي ميڊيا جي نمائندن کي به ڪوريج لاءِ جيل جي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. عدالت قرار ڏنو ته سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي تي 12 ڊسمبر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو. عدالت طرفان اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي کي ڪيس جي ڪاپي فراهم ڪئي وئي آهي.