يروشلم(م ڊ) فلسطيني مزاحمتي گروپ حماس سان عارضي جنگبندي جو معاهدو ختم ٿيڻ کان پوءِ غزه ۽ ٻين قبضي ڪيل علائقن تي اسرائيل جي بدترين بمباري جاري آهي. اسرائيل غزه جي گنجان آباد ڏاکڻين علائقن تي حملا ڪري رهيو آهي، جتي فلسطينين جي اڪثريت اتر غزا مان جبري انخلاء کانپوءِ پناهه ورتي آهي، اسرائيلي فورسز رهائشي عمارتن کي نشانو بڻائي رهي آهي. ان کان علاوه اسرائيلي فورسز خان يونس جي علائقي ۾ به ڇاپا هڻي رهيا آهن ۽ تازي ڪارروائي ۾ اسرائيلي فورسز هڪ گهر تي چڙهائي ڪري 7 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ان دوران اسرائيلي فورسز مسجد اقصيٰ جي شيخ عڪرامه جي گهر تي به چڙهائي ڪئي، شيخ اڪرامه صبري والاريل بيت المقدس ۾ سپريم اسلامڪ ڪائونسل جو سربراهه ۽ فلسطيني عالمن ۽ مبلغين جي انجمن جو باني ۽ صدر آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي سربراهه ٽيڊروس ايڊهانوم گبريوس، غزه جي اسپتالن جي صورتحال کي ’ناقابل تصور‘ قرار ڏيندي چيو آهي ته ڏکڻ غزه ۾ نصر اسپتال جي حالت خراب کان وڌيڪ خراب آهي، اسپتال ۾ مريضن جي گنجائش کان ٽي ڀيرا وڌيڪ آهي. عرب ميڊيا موجب غزه ۾ اسرائيلي جارحيت هزارين ٻارن جو ننڍپڻ کسي ورتو آهي، غزا جي پٽي تي اسرائيلي بمباري سبب ڪجهه ٻار پنهنجي والدين کان ۽ ڪجهه والدين پنهنجي ٻارن کان جدا ٿي ويا آهن. غزه جي سرڪاري خابرو اداري موجب اسرائيلي بمباري سبب غزه جي پٽي ۾ 15 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، جڏهن ته عرب ميڊيا رپورٽن موجب 7 آڪٽوبر کان وٺي شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 16 هزار کان وڌي ويو آهي. آمريڪا اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته هو غزه ۾ شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائي. آمريڪي بچاءَ واري وزير لائوڊ آسٽن چيو آهي ته غزه ۾ شهرين جي جانين جو تحفظ اخلاقي ذميواري سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ضرورت آهي.