چلاس واقعي جا جوابدار نه پڪڙيا،سيڪيورٽي پلان جو فيصلو

چلاس(م ڊ) گلگت بلتستان جي علائقي چلاس ۾ قراقرم هاءِ وي تي بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته مسافرن جي حفاظت لاءِ سخت انتظام ڪيا ويا آهن. ڇنڇر ڏينهن گلگت بلتستان جي علائقي  چلاس ۾ قراقرم هاءِ وي تي اڻڄاتل ماڻهن هڪ بس تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ بس ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب فائرنگ جو واقعو هدرور ويجهو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ بس ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي ۽ بس کي باهه لڳي وئي. ڊپٽي ڪمشنر ديامر عارف احمد ٻڌايو ته بس ۾ 26 مسافر سوار هئا، حادثي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 16 زخمي ٿي پيا، پوليس موجب مسافر بس غذر ضلعي کان راولپنڊي وڃي رهي هئي. گلگت بلتستان جي وڏي وزير حاجي گلبر خان آچر ڏينهن چلاس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 5 کان 10 گاڏين تي مشتمل مسافر گاڏين کي قافلي جي صورت ۾ قراقرم هاءِ وي تي سيڪيورٽي سان موڪليو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.